زين نوراني

زين نوراني

زين نوراني

زين نوراني (سياستدان): پاڪستان مسلم ليگ جي سياسي ڪارڪن زين نورانيءَ جو جنم 6 مئي 1926ع تي بمبئيءَ ۾ ٿيو. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ارڙهن سالن جي عمر ۾ 1944ع ڌاري بمبئيءَ مان ڪئي، جنهن بعد پاڻ بمبئيءَ ۾ مسلم ليگ جي سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. زين نوراني 1954ع کان 1950ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو ٻه ڀيرا ميمبر رهيو 85- 1984ع تائين سنڌ حڪومت جي آبڪاري کاتي ۾ ٽيڪس جو وزير رهيو، 1985ع ڌاري وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي وفاقي ڪابينه ۾ خارجه معاملن جو وزير ٿي رهيو. وزير خارجه رهندي، هن پاڪستان ۽ افغانستان جي سياسي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، 1982ع ڌاري گڏيل قومن جي هڪ اجلاس ۾ هن پاڪستان جي نمائندگي به ڪئي، جنهن ۾ بهتر سياسي حڪمت عملي ۽ دور انديشيءَ جي ڪري کيس تمام گھڻي مڃتا ملي. سندس اهم سياسي ڪارنامن ۾ 1988ع ڌاري جنيوا معاهدي تي دستخط شمار ٿئي ٿو. هن 18 ڊسمبر 1992ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


لفظ زين نورانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.05.06  عيسوي

پاڪستان مسلم ليگ جي سياسي ڪارڪن زين نورانيءَ جو جنم 6 مئي 1926ع تي بمبئيءَ ۾ ٿيو.


1992.12.18  عيسوي

هن 18 ڊسمبر 1992ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارونا حسين
سرائي علي گوهر خان
باک پيرزادو
ايشوريا راءِ
جمالي رفيق احمد
اظھر علي شاهه ڊاڪٽر
سُهندي برهمڻ
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
حڪم بن عوانه الڪلبي
خانصاحب ڪمال الدين عباسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون